Showing posts with label Floods2010. Show all posts
Showing posts with label Floods2010. Show all posts

Monday, March 16, 2020

ليبر ڪالونيون يا ايمرجنسي ڪيمپون؟

سنڌ حڪومت وڏي فخر سان اعلان ڪيو آهي، ته هن چين ۾ 10 ڏينهن اندر قائم ٿيل ڪرونا ڪيمپ کان به تمام ٿوري وقت ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرونا جي وبا جي علاج ۽ تصديق ٿيل مريضن کي ڌار رکڻ لاءِ 2048 بسترن تي ٻڌل هڪ اسپتال سکر ۾ قائم ڪري ورتي آهي

ايران کان آيل سنڌ سان تعلق رکندڙزيارت لاءِ ويل پانڌيئڙن کي شروع ۾ وفاقي سرڪار طرفان بلوچستان جي تفتان بارڊر وٽ قائم شده ڪرونا جي قرطينيا ڪيمپ ۾ رکيو ويو هئو، جن کي 14 ڏينهن گذرڻ بعد سنڌ ۾ موڪليو ويو هئو. پر سکر ۾ انهن جي ٻيهر ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن مان انهن جي هڪ وڏي انگ کي ڪرونا وائرس جي بيماري ظاهر ٿي. سنڌ حڪومت موجب ايران کان آيلن سميت ڪل 88 ڪرونا کان متاثر ماڻهو ظاهر ٿيا آهن. انهن مان اڪثريت کي سکر جي ان اسپتال ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته ڪجھ اهڙا مريض ڪراچي جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ قائم اڪيلائي وارڊن ۾ داخل ڪيا ويا آهن

سکر جي ان اڪيلائي وارن وارڊن تي ٻڌل اسپتال بابت تفصيل پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته اها ايمرجنسي اسپتال ويجھڙ ۾ مڪمل ٿيل 1000 فليٽن تي ٻڌل ليبرڪالوني ۾ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موجود فليٽ مزدورن کي اڃا تائين الاٽ نه ٿي سگھيا آهن

اهڙي اسپتال قائم ڪرڻ تي بظاهرهڪ تمام سٺو قدم آهي، پر ايترن بسترن ۽ وينٽيليٽرن کي هلائڻ ۽ سنڀالن لاءِ تمام گھڻي تعداد ۾ عملو ۽ ڊاڪٽرکپندا، جيڪي ڪٿان ايندا؟ اهوهڪ اهم سوال آهي جنهن جي جواب جي اڃا خبر ڪانهي



سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ قائم ليبر ڪالونيون ڪيتري عرصي کان مڪمل ٿيل آهي، مگر ڪن اڻ ڄاڻايل سببن جي ڪري مزدورن جي حوالي نه ٿي سگھيون آهن. اهي ڪالونيون ماضي ۾ پڻ امدادي ڪيمپن طور استعمال ٿينديون رهن ٿيون. صوبائي ليبر اينڊ هيومين ريسورسز کاتو ورڪرز ويلفيئر فنڊ مان اهي ليبر ڪالوني جوڙائيندو آهي، جيڪي کاتي سان رجسٽر ٿيل مزدورن ۾ قرعي اندازي وسيلي ڏنيون وينديون آهن. سرڪار ليبر ڪالونين ۾ گھر ڏيڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏيندي آهي

سن 2010 جي مها ٻوڏ دوران اتر سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن مان ٻوڏ متاثر سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آندا ويا هئا ۽ کين صوبائي سرڪار طرفان سرڪاري زمينن تي قائم ڪيمپن ۾ رهايو ويو هئو. ڪراچي ۾ به ٻوڏ متاثرين جو هڪ وڏو انگ آيو هئو، جن کي شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم سرڪاري ڪيمپن ۾ ترسايو ويو. ڪجھ ٻوڏ متاثر سپر هاءِ وي ڀرسان ءِ ڪجھ ٻين علائقن ۾ قائم پرائيويٽ ڪمپن ۾ پڻ ترسيا هئا جتي ڪجھ خيراتي ادارن سندن امداد ڪئي هئي

ٻوڏ متاثرين جو هڪ وڏو انگ (تقريبا 10،000) گڏاپ ٽائون ۾ قائم هڪ سرڪاري ليبرڪالوني ۾ پڻ ترسايو ويوهئو. گلشن معمار ڀرسان قائم ان ليبر اسڪائر ۾ 1000 کن فليٽ آهن. توڙي جو اها ڪالوني ان وقت به مڪمل هئي پر ان ۾ موجود فليٽ ڪنهن به مزدور کي اڃا الاٽ ڪونه ڪيا ويا هئا

اهي ٻوڏ متاثر ڊسمبر 2016 تائين ان ڪيمپ ۾ رهيا پر پوءِ کين زوري اتان اٿاريو ويو، چاڪاڻ ته ليبر ڊپارٽمينٽ وارن کي خوف ورائي ويوهئو ته اهي ٻوڏ متاثر انهن فليٽن تي مستقل قبضو نه ڪري ويهن

پر ايتروعرصو گذرڻ جي باوجود ليبر ڪالوني گڏاپ جا اهي فليٽ اڃا تائين خالي پيا آهن. شايد ڪنهن ٻي آفت جي انتظار ۾ آهن